پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان: پاڳارا پير، سنڌ جو هڪ معروف گهراڻو آهي. سندن شجره نسب حضرت امامحسين عليه السلام سان ملي ٿو. سندن وڏي سيد علي مڪي هاشميرح پنجينءَ صديءَ هجريءَ ڌاري عباسي خلافت واري دور ۾ اسلامي لشڪر سان سنڌ جي والي راجا دلوراءِ سان جنگ ڪري کيس شڪست ڏني هئي. ان بعد هو سيوهڻ شريف جي اتر طرف ڀڳي ٽوڙي جبل ويجهو لڪيءَ جي مقام ’چشمه هارون‘ وٽ اچي رهيو. ڳچ وقت عبادت ۽ رياضت کان پوءِ پنهنجي وطن عرب موٽي ويو، پر سندس چار فرزند هتي رهيا. سندس اولاد مان سيد محمد شاهه عرف ’شاهه صدر‘، ولايت جي اعليٰ درجي تي پهتو، انلاءِ روايت آهي ته خواجه معين الدين چشتي اجميريءَ (متوفي 633هه/ 1235ع) به ساڻس ملاقات ڪئي هئي. شاهه صدر سان اها روايت به منسوب آهي ته هن حضرت شهباز قلندر کي سيوهڻ شريف ۾ مستقل رهڻ لاءِ راغب ڪيو هو. ’شاهه صدر‘ جي پوٽي (سيد غازي شاهه جي خليفي) جي فيض مان سنڌ جا تمام گهڻا ماڻهو فيضياب ٿيا. شاهه صدر لڪياريءَ جي فرزندن مان سيد محمود شاهه لڪياري هڪ عارف ۽ ڪامل شخص ٿي گذريو آهي، جنهن جي اولاد مان غالباً ڏهين پيڙهيءَ مان سيد خدا بخش شاهه عرف سيد کٽڻ شاهه پيدا ٿيو، جيڪو پوءِ لڪي شاهه صدر مان لڏي ضلعي خيرپور جي ڳوٺ رسول پور عرف سائدي ننڍي، ديهه گاگڙي (تعلقي گمبٽ) ۾ اچي رهيو. سيد کٽڻ شاهه کي ست فرزند ٿيا، جن مان سيد عثمان شاهه علم ۽ عرفان ۾ مرتبي وارو بزرگ ٿيو. ان بزرگ جي اولاد مان اڳتي هلي سيد امام شاهه لڪياريءَ جي اولاد مان سيد محمد بقا شاهه شهيدعرف ’پٽ ڌڻي‘ رشد ۽ هدايت، علم ۽ ادب ۾وڏو مقام ماڻيو. هن خاندان سر زمين سنڌ ۽ برصغير ۾ توحيد ۽ رسالت جي تعليم کي عام ڪرڻ سان گڏ حب الوطنيءَ جي تاريخ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو. انگريزن کان آزاديءَ جي تحريڪ ۾ جاني ۽ مالي قرباني ڏيڻ ۾هن خاندان جو وڏو مقام آهي. هن خاندان جا مريد ۽ پوئلڳ جيسلمير، راجسٿان ۽ سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ موجود آهن. هن خاندان جي خليفن جو تعداد هر دور ۾ 12 هوندو آهي، جن جي مٿان هڪ وڏو خليفو مقرر هوندو آهي. خليفن وٽ ٻارهن ئي مهينا هڪ هڪ مهيني جي حساب سان پوري جماعت ۽ درگاهه جو انتظام ورهايل هوندو آهي. جماعت جي فيصلن لاءِ هڪ چيف جسٽس (جج) به مقرر هوندو آهي: هن درگاهه جي ڪيترن خليفن جو روحاني فيض ۽ علمي حوالي سان وڏو نالو آهي، جهڙوڪ: (1) خليفو سيد حسن شاهه جيلانيرح سوئي شريف وارو، جنهن کان ڀرچونڊيءَ جي بزرگن فيض حاصل ڪيو، (2) خليفو سيد جان محمد شاهه بخاري، (3) خليفو محمود نظاماڻي، ڪڙيي گهنور وارو. جنهن روضي ڌڻيءَ جي ملفوظات ۽ مڪتوبات قلمبند ڪيا، (4)خليفو نبي بخش لغاري ’قاسم‘، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. پير ڳوٺ درگاهـه تي هر سال چار وڏا اجتماع ٿين ٿا، جن ۾: (1) عيدالفطر (پهرين شوال المڪرم)، (2) 10 ذوالحج، (3) ربيع الاول (عيد ميلادالنبي)۽ (4) 27 رجب (معراج مصطفيٰصه) اهم آهن. هنن موقعن تي سنڌ سميت پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين مريد اچي گڏ ٿيندا آهن. خاص ڪري 27 رجب تي درگاهه تي قائم جامعه راشديه ۽ ان جيشاخن مان فارغ التحصيل عالمن ۽ حافظن جي دستاربندي ٿيندي آهي. هن عظيم الشان اجتماع ۾ لکين مريدن سان گڏ، پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوين عالم، مشائخ، فاضل، اديب، شاعر ۽ نعت خوان شريڪ ٿيندا آهن.جامعه راشديه هڪ خالص ديني درسگاهه آهي، جنهن ۾ ڪيترائي عالم درس ۽ تدريس جي عمل ۾ مصروف رهندا آهن. انهن استادن۽ شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو سمورو انتظام هن درگاهه جي ذمي آهي. جامعه راشديه پاران هڪ عظيم الشان لائبرري قائم ڪئي وئي آهي، جتي جديد ۽ قديم موضوعن تي هزارين ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي. ان کان سواءِ قلمي نسخن ۽ نوادرات جو وڏو انگ به هن لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي. جماعت جي رهائش لاءِ وڏي پئماني تي هڪ وڏو جماعت خانو تعمير ڪيل آهي، جنهن ۾ لنگر ۽ ٻيون سموريون گهربل ضرورتون مهيا ڪيل هونديون آهن، جتي هڪ ئي وقت 10 لکن کان مٿي جماعت رهي سگهي ٿي. هن درگاهه جا مريد، عالم، فاضل، فقير، اديب، شاعر، بهادر، جانباز ۽ مجاهد هئڻ جي باوجود، قانون جا پابند، امن پسند، فرقيواريت، جهيڙي ۽ فساد کان پري آهن. وطن جيحفاظت لاءِ مرشد جي حڪم تي هر قدم کڻڻ لاءِ تيار هوندا آهن. هن جماعت جا هزارين فرد فوجي تربيت ورتل آهن ۽ حاضر/غير حاضر ڊيوٽيءَ تي موجود آهن. پير صاحب جي مريدن جي جماعت ’حر جماعت‘ سڏجي ٿي ۽ حر جماعت جو دلپسند۽ مخصوص نعرو ’ڀيڄ پاڳارا‘آهي. جماعت اندر رڇ، ڪتي ۽ ڪڪڙن جي ويڙهن ۽ ٻين ان قسم جي غلط ڪارين جي منع آهي. جامعه راشديه ۽ ان جي شاخن مان فارغ التحصيل عالمن کي ’سڪندريءَ‘ جو لقب ملي ٿو، جيڪو موجوده پير پاڳاري جي اسم گرامي،سيد سڪندر علي شاهه جي نسبت سان آهي. انهن عالمن جي هڪ جدا تنظيم ’جمعيت علماءِ سڪندريه‘ قائم آهي، جيڪا سنڌ ۽ پاڪستان ۾ اسلامي تعليم، تدريسي، تبليغي ۽ اشاعتي سرگرمين ۾ مصروف آهي. هنن عالمن کي پير صاحب پاڳارو سَنَد ڏيندو آهي. هن خاندان مان تصوف ۽ طريقت جي سلسلي جا جيڪي علمبردار ٿي گذريا آهن، تن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو: (1) سيد محمد بقا شاهه شهيد ’پٽ ڌڻي‘رح:سيد محمد بقا شاهه پهرين شعبان 1135هه/ 26 اپريل 1723عتي سيد محمد امام شاههرحجي گهر، ڳوٺ رحيم ڏني ڪلهوڙي، ديهه فريد آباد (پراڻي درگاهه)، خيرپور۾ پيدا ٿيو. سندس مستقل تعليم ۽ استادن بابت تفصيلي معلومات ميسر نه ٿي سگهي آهي. سيد محمد بقا ننڍپڻ ۾ عام ٻارن کان مختلف طبيعت جو هو. ننڍيءَ عمر ۾ ئي ديني تعليم حاصل ڪيائين. ڪتابن گڏ ڪرڻ ۽ ڪتابن جي مطالعي جو بي انتها شوق رکندو هو. نماز روزي جو پابند هو. عبادت ۽ رياضت جي ذوق شوق جي ڪري طريقت ۽ تصوف سان وابسته رهيو. جوانيءَ ۾ ڳوٺ کان چئن ڪوهن جي مفاصلي تي رهندڙ نقشبنديه سلسلي جي مشهور بزرگ مخدوممحمد اسماعيلرح پريالويءَ جي هٿ تي بيعت ڪري، نقشبندي سلسلي ۾ داخل ٿيو ۽ خلافت جو خرقو حاصل ڪيائين. اتان سڀ منزلونطئه ڪرڻ بعد کيس حڪم مليو ته ’هاڻي قادري سلسلي ۾ داخل ٿي فيض حاصل ڪري‘.مرشد جي حڪم سان حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيرحجي اولاد مان هڪ بزرگ،سيد عبدالقادر جيلاني آخرينرح (درگاهه چناه شريف، ضلعي جھنگ) جي هٿ تي بيعت ڪري قادريه سلسلي ۾ داخل ٿيو. سيد عبدالقادر جيلاني آخرين، ان وقت روهڙيءَ ۾ وار مبارڪ جي زيارت تي آيل هو. سيد محمد بقا سنڌ مان ڪيترا ڀيرا درگاهه چناه شريف وڃي مرشد کان روحاني فيض جون منزلون طئي ڪيون ۽ مرشد جي ان حد تائين خدمت ڪيائين، جو کين ’سنڌي خادم‘ سڏيندا هئا. هڪ ڏينهن سندن سچائي ۽ صدق ڏسي مرشد کيس فرمايو ته ”هاڻي اوهان تان پنڌ معاف، هاڻي اسان جا پويان اوهان وٽ ايندا ۽ هي امانتون (پڳ ۽ جهنڊو) اوهان ئي سنڀاليو“.سيد محمد بقا جنهن علائقي ۾ رهندو هو، ان کي ’پٽ‘ سڏيو ويندو هو ان ڪري کين ’پٽ ڌڻي‘ سڏيو ويو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سيد محمد بقا جو همعصر ۽ دوست هو. پير سيد محمد بقا جي ٻين همعصرن ۽ هم صحبتين ۾ وقت جو جيد عالم مخدوم احمديرحه، مخدوم ميان عبدالرحمان، مخدوم محمد زمان لنواريرحه وارو ۽ ميان صاحبڏنو فاروقي هئا. سيد محمد بقا جي سموري زندگي سادگيءَ ۽ فقيريءَ جي عالم ۾ گذري. هميشه بي نياز، نوڙت ۽ نهٺائيءَ جو مجسمو رهيو. سندس شهادت جو واقعو به عجيب آهي. سائين محمد بقا شاهه کي علم ۽ ڪتابن سان ايڏو ته چاهه هو، جو هميشه ڪتابن جي هڙ مٿي تي هوندي هئس. هڪ دفعي ڪتابن جي هڙ سميت رستي تان پئي آيو ته ڪن چورن وٽس دنياوي مال ۽ ملڪيت سمجھي مٿس حملو ڪيو ۽ پاڻ زخمي ٿي پيا. چورن ڳنڍ کولي ڏٺي ته ان ۾ رڳو ڪتاب هئا. جڏهن کين ڄاڻ پئي ته هي ته الله وارو بزرگ سيد محمد بقا آهي ته وڌيڪ پشيمان ٿيا. پير صاحب شجاعت ۽ نرم دليءَ سان چورن کي چيو ته: ”اسان کي گهر تائين کڻي هلو ته جيئن پنهنجن وارثن سامهون اوهان کي معافي ڏئي ڇڏيان.“ گهر پهچڻ تائين سندن زخمن مان ڪافي رت وهي چڪو هو. پنهنجن صاحبزادن کي گهرائي ضروري وصيتن ڪرڻ سان گڏ چورن کي معافي ڏيڻ ۽ کانئن بدلو نه وٺڻ جي هدايت ڪيائين. 10 محرم 1198هه/ 5 ڊسمبر 1783ع تي شهادت ماڻيائين. پير سائينءَ جي مزار، شيخ طيب جي مقام خيرپور ۾ آهي. پير سيد محمد بقا شاهه ٻه شاديون ڪيون هيون، جن مان کين چار فرزند هئا. ٽي ڏاڏي پوٽيءَ مان: (1) سيد عبدالرسول شاهه، (2) سيد محمد سليم شاهه ۽ (3) سيد محمد راشد شاهه۽ چوٿون سيد مرتضيٰ شاهه سندس نؤ مسلم گهر واريءَ بيبي خاتون مان هو. سندس شهادت کانپوءِ طريقت جي پڳ سندس ننڍي فرزند سيد محمد راشد تي آئي، جنهن کي سڀ امانتون مليون ۽ روضي ڌڻيءَ جي لقب سان مشهور ٿيو. (2) سيد محمد راشد ’روضي ڌڻي‘:سيد محمد راشد شاهه، سيد محمد بقا شاهه جو ننڍو فرزند هو، جنهن جي ولادت ڳوٺ رحيمڏني ڪلهوڙي (خيرپور ميرس) ۾ 6 رمضان المبارڪ 1170/ 25 مئي 1757ع ۾ ٿي. چون ٿا ته روضي ڌڻي ڄمڻ کان پوءِ ڏينهن جو پنهنجي والده جي ’ٿڃ‘ نه پيئندو هو، ان ڪري کيس ’روزي ڌڻي‘ چيو ويو، پر اڳتي هلي جڏهن سندن مزار تي گنبذ/ روضو جڙيو ته ’روضي ڌڻي‘ مشهور ٿيو. سيد محمد راشد ننڍپڻ ۾ ئي تنهائي پسند ۽ غور فڪر جو عادي هو. ٿورو وڏو ٿيڻ تي والد کيس تحصيل علم لاءِ ويهاريو. ابتدائي تعليم حافظ زين الدين مهيسر ۽ مولانا محمد اڪرم گهُمري وٽان حاصل ڪيائين. جيڪي وقت جا وڏا عالم ۽ فاضل هئا. کيس وڌيڪ تعليم لاءِ شڪارپور ۾ علامه فقير الله علويءَجي مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس والد کيس ڏسڻ ويو ته ڏٺائين ته کيس عمدا طعام ملي رهيا آهن،جنهن تي سندس والد چيو، ”جتي طالب علمن کي عمدا طعام ملندا، اتي فيض نه ملندو،“ پوءِ کيس اتان ڪڍي ’ڪوٽڙي ڪبير‘ ۾ مخدوم يار محمد صديقيرح جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي فقر ۽ قناعت تي ڪم هلندو هو. ان کان پوءِ مخدوم مولانا مفتي محمد آريجي، ڳوٺ خير محمد آريجي، ضلعي لاڙڪاڻي واري وٽ دستار فضيلت حاصل ڪيائين. اهڙيءَ طرح ظاهري علمن جي حصول جي تڪميل ڪيائين. طريقت ۽ سلوڪ ۾ پنهنجي والد سيد محمد بقا شاههرح جي هٿ تي قادري طريقي جي بيعت ڪيائين ۽ سندس رهنمائيءَ ۾ سلوڪ جون منزلون طئي ڪيائين. هن بزرگٿر،بر۽ جبلن جا سير سفر ڪري، سنڌ کانسواءِ هند جي گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ راجستان کان سواءِ بلوچستان ۽ پنجاب تائين روحاني فيض پهچايو. پير محمد راشد جي خليفن جو تعداد وڏو هو، جن مان خليفي سيد حسن شاهه جيلانيسوئي شريف واري کان ڀرچونڊيءَ جي بزرگن فيض حاصل ڪيو ۽ اتان وري امروٽ ۽ انهن کان دين پور، هاليجي، بائيجي ۽ ٿريچاڻيءَ جا بزرگ فيضياب ٿيا. ٻئي خليفي ميان محمود نظاماڻي، ڪڙيي گنهور واري جا مريد وڏي تعداد ۾ ڪڇ، ڪاٺياواڙ، ڪراچي ۽ ممبئي (هندستان) ۾ موجود آهن. ٽئين خليفي سيد جان محمد شاهه بخاريءَ جي فيض سان پري پري جا علائقا فيضياب ٿيا ۽ سندس مريدن جي اڪثريت ڪيچ، مڪران(بلوچستان) ۾ آهي. مير ڄام ٽالپر ۽ نواب قيصر خان نظاماڻي به سندس مريد هئا. چوٿين خليفي محمد حسين مهيسر ڀاڳناڙيءَ (بلوچستان) واري جا مريد ۽ پوئلڳ بلوچستان ۾ آهن. پنجين خليفيمشهور شاعر نبي بخش لغاري ’قاسم‘جي مريدن جي گهڻائي ڪڇ،ڪاٺياواڙ ۽ ڌوراجيءَ۾آهي. هن شاعر جو رسالو ۽ خاص تصنيفسسئي پنهون‘ گهڻا مشهور آهن.ان کان سواءِ ٻيا خليفا،خليفو سارنگ ڪلهوڙو، خليفو محمد پناهه ڪيهر رتيديري وارو، خليفو محمد لقمان ڪوري ڪوٽڙي (ضلعي دادوءَ/ ڄامشوري) وارو ۽ خليفو گل محمد هالائي، سنڌيءَ جو پهريون ’صاحب ديوان‘ شاعر به پنهنجي وقت جو مشهوربزرگ ٿي گذريو آهي.سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي تصنيفن ۾، سندس ’مڪتوبات‘ ۽ ’ملفوظات‘ مشهور آهن. سندس ملفوظات ڇهن حصن تي مشتمل آهي، جيـڪـا فارسـي زبان ۾ خليفي محمود، ڪڙيي گهنور واري گڏ ڪئي هئي. ان جـو سـنـڌي تـرجمـو عـلامه محمـد قاسـم مشـوريءَ ڪيـو هو، جنـهـن کـي ’جمعيت علماءِ سڪندريه پاڪستان‘ شايع ڪيو هو. هيءَ ملفوظات تازو جامعه راشديه، پير ڳوٺ پاران ٻن ڀاڱن ۾ ڇپائي وئي آهي. ان کان سواءِ سندس ملفوظات (صحبت ناما) خليفي محمد حسين مهيسر به ترتيب ڏني هئي. سيد محمد راشد جا مڪتوباتفارسي زبان ۾ هئا، جيڪي ڊاڪٽر نذر حسين سڪندريءَ، علامه مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ جي نظرداريءَ هيٺ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايا آهن. اهي ٻئي ڪتاب واعظ ۽ نصيحت، رشد ۽ هدايت، شريعت ۽ طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي بي بها موتين سان ڀريل آهن.ان کان سواءِ پير صاحب فارسي ۽ سنڌي شاعري به ڪئي آهي، سندس سنڌي ڪلام جو مجموعو ’روحاني رمــزون‘ نالي سـان شـايع ٿيـل آهي. کـيـن شـاهه لطـيـف سـان وڏي عـقـيـدت هئي، ان جو ثبوت ملفوظات ۾ هنڌ هنڌ تي شاهه لطيف جي بيتن جي موجودگي آهي. اهڙيءَ طرح فقير عبدالله ڪاتيار نالي هڪ بزرگ ۽ اهم شاعر به سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو عقيدت مند هو، جيڪو سچل سرمست جو نه رڳو دوست هو، پر سچل سائين کانئس متاثر به هو، هي بزرگ اصل مُلاڪاتيارن جو هو، پر روضي ڌڻيءَ جي محبت ۾ٺيڙهيءَ ويجهو لوڙهو ٺاهي اچي رهيو. هن بزرگ جو ڪلام ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، غوث محمد گوهر ۽ مولوي عبداللطيف سڪندريءَ کان پوءِ تازو پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران مشتاق نظاماڻيءَ کان ترتيب ڏيارائي (2010 ۾) ڇپرايو ويو آهي. پير محمد راشد روضي ڌڻي 63 سالن جي عمر ۾ پهرين شعبان 1233هه/ 6 جون 1818ع تي وفات ڪئي. پر ڪجهه وقت کانپوءِپراڻي درگاهه کي درياهه جي پائڻ جي خطري سبب سندس پوٽي سيد علي گوهر شاهه اصغر، پنهنجي والد ۽ ڏاڏي جي خاڪي جسد جون پيتيون، اتان ڪڍرائي، موجوده درگاهه واري هنڌ (ڪنگريءَ) ۾ رکايون ۽ مٿان روضو ٺهرايو، جنهن ۾ ئي هن خاندان جا سڀئيبزرگ دفن آهن. هن روضي جي تعمير کان پوءِ سيد محمد راشد رح ’روضي ڌڻي‘ مشهور ٿيو. سندسپٽن جو تعداد 18 هو، پر سندس پڳ وڏي فرزند سيد صبغت الله شاهه اول ’تجر ڌڻيءَ‘ کي ملي. (3)سيد صبغت الله شاهه اول ’تجر ڌ ڻي‘ (پهريون پير پاڳارو): سيد صبغت الله شاهه اول حضرت سيد محمد راشدرح جو فرزند هو، جنهن جي ولادت 1183هه/1769ع جي آخر ۾ ٿي. هن پنهنجي والد محترم جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ سندس ئي نگرانيءَ هيٺ تعليم، تربيت ۽ روحاني سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون، پنجاهه سالن جي عمر ۾ کين والد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجو سجاده نشين مقرر ڪيو هو، ڇو ته سيد صبغة الله (اول) سمورن ڀائرن ۾ وڌيڪ عالم، عامل، عارف ۽ ڪامل هو. پير صاحب شڪل شباهت ۾ به بيحد خوبصورت هو. جڏهن کيس پڳ حوالي ٿي ۽ پاڻ شعبان 1233هه مطابق 1818ع ۾ سجاده نشين مقرر ٿيا ته سندس ڀاءُ سيدمحمد ياسين شاهه اختلاف ڪيو. ان تي خاندان ۽ خليفن جي مشاورت سان فيصلو ٿيو. نتيجي ۾ مرشدن کان مليل امانتن مان پڳ سيد صبغت الله شاهه اول کي ملي، جنهن کان پوءِ هو’پير پاڳارو‘ سڏجڻ لڳو ۽ سيد محمد ياسين شاهه کي ’جهنڊو‘ مليو، جيڪو ’جهنڊي واري‘ پير جي لقب سان مشهور ٿيو، درگاهه جي سجاده نشينيءَ جو حق پير سيدصبغت الله شاهه کي ڏنو ويو، جنهن تي ياسين شاهه ڪاوڙجي، اتان لڏيٺلاههنزد باقراڻي اسٽيشن ضلعي لاڙڪاڻي هليو ويو. ائين سيد صبغت الله شاهه اول،پهريون ’پير پاڳارو‘ مشهور ٿيو ۽ جماعت ۾ کيس ’تجر ڌڻي‘ جي لقب سان سڏيو ويو. سندس سجاده نشيني 1233 هه مطابق 1818ع وقت سنڌ ۾ ميرن/ ٽالپرن جو راڄ هو. کيس فارسي، عربي ۽ سنڌي علمن تي عبور حاصل هو. پنهنجي مريدن جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيائين. سندس سخا، خلوص ۽ مروت، ملڪان ملڪ مشهور هئي. سندس فيض کان سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جا لکين ماڻهو فيضياب ٿيا. پير صاحب ظاهري ۽ باطني علمن جو گوهر هو، پاڻ هڪ وڏو علمي ڪتب خانوپڻ ٺهرايائين، جنهن ۾ ڪيترا ناياب ۽ قيمتي قلمي ڪتاب موجود هئا. سيد حميد الدين ’تذڪره صوفياءِ سنڌ‘ ۾ لکيو آهي ته ان وقت اميرن ۽ بادشاهن وٽ به اهڙو ڪتبخانو نه هو. جنهن ۾ ان وقت به 15000 معتبر ڪتاب موجود هئا. پير صاحب جڏهن مسند نشين ٿيو، تڏهن پنجاب تي سکن جو اقتدار هو ۽ سنڌ تي انگريزن ۽ سکن جون حَوسي اکيون کتل هيون. معاشرو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار هو. سماجي ۽ مذهبي قدر پائمال هئا. پير صبغة الله شاهه اول ان دؤر ۾ حق جو ڪلمو بلند ڪيو. لاڙ، ڪڇ ۽ ٻين علائقن ۾ رهندڙ مريدن کي سکن جي وڌندڙ اثر خلاف جهاد لاءِ تيار ڪيائين. انگريزن، ٽالپر حڪمرانن سان 1809ع ۾ تجارتي ۽ سفارتي معاهدو ڪيو ۽ ساڳيءَ طرح امرتسر ۾ پنجاب جي حاڪم رنجيت سنگهه سان به معاهدو ڪيو. 1828ع ۾ ڊاڪٽر اليگزينڊر، خيرپور جي والي مير علي مراد جي علاج جي بهاني سنڌ جي سياسي حالتن جو جائزو وٺڻ آيو ۽ رپورٽ ڪيائين ته سنڌ ۾ ميرن جي خلاف پيش قدمي ڪرڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح انگريزن سکن کي سنڌ خلاف ڀڙڪايو ۽ ٻنهي پاسي ڪشيدگيءَ جو ماحول جوڙي سکن ۽ ميرن ۾ ٺاهه جي بهاني سان ميرن سان نئون معاهدو ڪيائون. ان سڄي صورتحال ۾ هڪ طرف انگريزن ۽ سکن جي ناپاڪ حَوس گيريءَ خلاف پير پاڳارو اول سيد صبغت الله شاهه جماعت کي منظم ڪري رهيو هو. ٻئي طرف سيد احمد شهيد ۽ سيد محمد اسماعيل سکن خلاف تحريڪ منظم ڪري رهيا هئا. پير پاڳاري مريدن جي اخلاقي تربيت سان گڏ سندن فوجي تربيت به ڪئي. جڏهن سيد احمد شهيد راجستان رستي جانثار ساٿين سان پشاور وڃڻ لاءِ سنڌ ۾ داخل ٿيو ته ساڻس راڻيپور ۾ پير صاحب جي ملاقات ٿي. پير صاحب سيد احمد شهيد کي دعوت ڏئي پير ڳوٺ ترسايو، جتي هو 13 ڏينهن رهيو. 30-1829ع ڌاري پشاور رواني ٿيڻ کان اڳ پير صاحب درزي گهرائي، مجاهدن لاءِ جنگي لباس تيار ڪرايو ۽ پنهنجن پوئلڳن جو 500 ڄڻن تي مشتمل هڪ وڏو جٿو سيد احمد شهيد سان گڏ پشاور روانو ڪيو. هيءُ پهريون جٿو يا جماعت هئي، جنهن کي ’حُر‘ (آزادي پسند) جو نالو ڏنو ويو. سيد احمد شهيد پنهنجا حرم پير صاحب وٽ سام ۾ ڇڏي ويو هو. پير صاحب جي ڪوشش هئي ته سيد احمد شهيد کي پوئتان افرادي سگهه حرن جي صورت ۾ موڪليندو رهي. ان ئي زماني ۾ قاضي عثمان سنڌيءَ به حرن جي جٿي ۾ شرڪت ڪئي هئي، جو حضرت شوڪاني رح جو مريد هو. 6 رمضان 1246هه مطابق 18 فيبروري 1831ع تي سيد صبغت الله شاهه اول وفات ڪئي. سندس وفات تي سيد احمد شهيد جي ڄڻ ته هڪ ٻانهن ٽُٽي پئي، ڇو ته کيس سِکن سان جهاد لاءِ سنڌ مان مدد ڏيندڙ سهارو ختم ٿي ويو هو. لکڻ وارن لکيو آهي ته سيد احمد شهيد جي ناڪاميءَ جي سببن مان هڪ سبب سيد صبغت الله اول جي وفات به هئي. پير پاڳارو صبغة الله شاهه اول، جهاد جو علمبردار ۽ مجاهدن جو سپهه سالار هو. سندس دؤر ۾ ئي ’ڀيڄ پاڳارا‘ جو نعرو بلند ٿيو، جيڪو اڄ تائين حر جماعت جو مقبول نعرو آهي. پير صاحب جو روضو پير ڳوٺ (ڪنگريءَ) ۾ آهي. کيس ست فرزند ٿيا. سندن وفات کان پوءِ سندس ٽيون نمبر فرزند سيد علي گوهر شاهه اول سجاده نشين ٿيو. (4) سيد علي گوهر شاهه اول ’بنگلي ڌڻي‘ (ٻيو پير پاڳارو):سيد صبغة الله شاهه اول جو ٽيون نمبر فرزند سيد علي گوهر شاهه اول، 4 رجب 1231هه/ 29 جولاءِ 1816ع ڌاري جمعي جي ڏينهن، ڳوٺ رحيمڏني ڪلهوڙي (تعلقي خيرپور) ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ۽ تربيت والد جي نگرانيءَ هيٺ ٿي. جنهن جو ساڻس بيحد پيار هو ۽ کيس پنهنجي نگرانيءَ ۾ قابل، فاضل ۽ تجربيڪار استادن کان تعليم ڏياريائين، جن منجهس علم ۽ ادب لاءِ وڏو چاهه پيدا ڪيو. ننڍپڻ کان ئي ذهين، محنتي ۽ بردبار هو. سنڌي ٻولي۽ ان جي وسيع لغت تي کيس عبور حاصل هو. قادرالڪلام شاعر به هو. هزارين شعر ۽ ڪافيون چيائين. علي گوهر شاهه ’اصغر‘ جي نالي سان سندس شاعرانه حيثيت سنڌ ۾ مڃيل آهي. سندس ڪلام اڳتي هلي ’اصغر سائينءَ جو ڪلام‘ جينالي سان پروفيسر فاضل شيخ پاران ترتيب ڏئي 1999ع ۾ ڇپايو. پير علي گوهر شاهه پنهنجي والد جي هٿ تي بيعت ورتي ۽ سندس تربيت هيٺ سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون. والد جي وفات وقت سندس عمر فقط 15 سال هئي،پر اعليٰ لياقتن ۽ روحاني فضيلتن سبب کيسوالد جي وفات (5 رمضان 1246هه/ 17 فيبروري 1831ع) کان پوءِ وڏن ڀائرن به سندس حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ سائين علي گوهر شاهه کي سجاده نشين مقرر ڪيو ويو. سندس دؤر۾ پراڻي درگاهه کي درياهه جي پائڻ جو خطرو پيدا ٿيو ته پنهنجي والد ۽ ڏاڏي جي جسد خاڪيءَ کي کڻائي، نئين درگاهه (پير جي ڳوٺ، ضلعي خيرپور) ۾ اچي رکيائين. اتي درگاهه اڏڻ سان گڏ حويليءَ لاءِ بنگلو به ٺهرايائين، ان ڪري جماعت ۾ ’بنگلي ڌڻيءَ‘ جي لقب سان مشهور ٿيو.سجاده نشينيءَ بعد نئين درگاهه جي تعمير ۽ ترقيءَجو ڪم ڪرايائين ۽ جماعت جي تربيت ڪيائين. ان وقت انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو هو، تنهنڪري انگريزن پنهنجي ڇاڙتن جي معرفت کيس خريدڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، پر پاڻ انهن جي ڪنهن به لالچ ۾ نه آيو، پير صاحب پنهنجيءَ جماعت ۾ خودداريءَ ۽ آزاديءَ جو روح ڦوڪيو. هن جي دؤر ۾ حضرت روضي ڌڻيءَ جا خليفا: خليفو محمود، ڪڙيي گنهوَر وارو، خليفو نبي بخش لغاري ۽ ٻيا موجود هئا. ان کان سواءِ فقير عبدالله ڪاتيار جهڙو درويش ۽ شاعر به مريدن جي سٿ ۾ شامل هو. ان ڪري سندن صحبت ۾ هن علم ادب ۽ دين جي وڏي ڄاڻ حاصل ڪئي. سنڌيءَ سان گڏ فارسي ٻوليءَ ۽ ادب تي به وڏو ملڪو حاصل ڪيائين. پير علي گوهر شاهه، ’پير پاڳاري‘ جي حيثيت ۾ جماعت سان ملڻ ۽ سندن پرگهور لهڻ لاءِ سنڌ کان سواءِ ڪڇ، پوربندر، احمدآباد، سورت، بمبئي وغيره به ويو. خليفو نبي بخش لغاري، جنهن جي عمر 61- 60 سال هئي، اهو به غالباً ساڻس سفر ۾ گڏ رهيو. اهو سفر 1836ع تائين جاري رهيو. اتان واپسيءَ تي پير صاحب نئين درگاهه کي وڌيڪ آباد ڪرڻ ۽ سينگارڻ تي خاص ڌيان ڏنو. پاڻ ’اصغر‘ تخلص سان شاعري ڪيائون. وقت جا وڏا شاعر خليفو نبي بخش لغاري ۽ خليفو گل محمد سندن وڏا معاصر هئا. پير صاحب پنهنجي والد سيد صبغت الله شاهه اول ’تجر ڌڻيءَ‘ جي ملفوظات ’خزانة المعرفت‘ کي ٻن وڏن خليفن عبدالله ڪاتيار ۽ خليفي نبي بخش لغاريءَ جي سهڪار سان ترتيب ڏنو ۽ ان جو مهاڳ لکيو. خليفي نبي بخش لغاريءَ، اصغر سائينءَ جي دؤر ۾ ’سسئي پنهون‘ جو مشهور داستان سرائيڪي مثنويءَ ۾ ترتيب ڏنو. خليفي گل کي به اصغر سائينءَ سان والهانه محبت هئي. سندن ئي دؤر ۾، 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي. انگريزن کي ٻين حريت پسندن سان گڏ پير ڳوٺ جي درگاهه به اک ۾ ڪنڊو ٿي چڀندي رهي، ان ڪري هن حريت پسند مرڪز تي چوڪسي رکڻ لاءِ خيرپور رياست ۾ مير علي مراد کي چونڊيو ويو، جنهن جي رياست جي حدن ۾ هي مرڪز آيو ٿي. پير صاحب چاهي ها ته مير علي مراد جي مقابلي لاءِ مريدن کي اُڪساهي ها، پر ان سان طبقاتي جنگ ڇڙي ها ۽ انگريزن کي وڌيڪ تقويت ملي ها. ان ڪري پاڻ اتان هجرت ڪري درياهه جي پار لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيا. مير صاحب معافي نامو لکي کين ڏياري موڪليو ۽ پاڻ موٽي اچي درگاهه شريف تي رهيا. ائين انگريز ۽ سندن دلال هڪ ڀيرو مايوس ٿيا. پير صاحب پنهنجي تبليغ ۽ تعليم کي جاري رکيو. 11 جماديالاول 1263هه/ 1847ع تي وصال ڪيائين، ان وقت سندس عمر فقط 32 سال هئي، سندس هڪ ئي فرزند سيد حزب الله شاهه هو، جيڪو بعد ۾ سجاده نشين ٿيو. (5) سيد حزب الله شاهه ’تخت ڌڻي‘ (ٽيون پير پاڳارو):پير علي گوهر شاهه جي فرزند، پير حزب الله شاهه جي ولادت 18 شوال 1258/ 22 نومبر 1842ع ۾ ڇنڇر جي ڏينهن ٿي، ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد کان دست بيعت ٿيو. پاڻ اڃا پنجن سالن جو مس هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، جنهـنڪـري کـيـن سـجـاده نشين بڻايو ويو. پير صاحب عمر جي لحاظ سان صغير هو، پر دانش ۽ قابليت جي لحاظ سان ڪبير هو. سندس ابتدائي تربيت ۾ خليفي نبي بخش لغاريءَ به حصو ورتو، پير صاحب جماعت جي قابل ۽ معتبر خليفن جي حلقي ۾ پوري جماعت ۽ درگاهه جي معاملن کيپوري ڌيان سان سنڀاليو. نه رڳو جماعت کي ديني حوالي سان ذڪر ۽ فڪر جي تلقين ڪيائين، پر جماعت کي مجاهدانه انداز تي منظم ڪيائين، پير صاحب سڄي جماعت کي جاگرافيائي حوالي سان منظـم ڪيو ۽ ان کي ٻارهن ڀاڱن ۾ ورهايائين، جن کي ’ٻارهن چوڪيـون‘ سڏيائين ۽ انهن جا مُک مقرر ڪيائين ۽ ان نموني اهڙو نظام قائم ڪيائين، جو وقت تي سڀ چوڪيون منظم نموني عملي جدوجهد لاءِ تيار ٿين. انگريزن سان جماعت جون جيڪي جوٽڻيون ٿيون، ان ۾ هيءَ حڪمت عملي مؤثر طور ڪم آئي. انگريز اڳي ئي پير صاحب جي والد کي هڪ وڏي عرصي کان مير علي مراد ۽ مختلف ڇاڙتن ذريعي زير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان ڪري اُهي هن ننڍي عمر جي سجاده نشين کي پنهنجي اثر هيٺ آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ لڳا. هڪ طرف پير صاحب جي عزيزن ۾ ويڇا ۽ نفرتون وڌايون ويون ۽ ٻئي طرف خيرپور رياست جي والي مير علي مراد کي پنهنجو ڇاڙتو بنائي، پير صاحب جي اثر کي گهٽائڻ لاءِ کيس استعمال ڪيو ويو. ان وقت انگريزن سکن کي شڪست ڏئي پنجاب تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ سنڌ ۾ پير صاحب کي وڏو خطرو سمجهي ان کي زير ڪرڻ يا ان جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انگريزن هر طرح جي سازش سَٽي. سندن دلالن جي اندروني چرچ تي ڪي اهڙا واقعا به ٿيا، جو پير صاحب جي گاديءَ جي مخالفن جون ڪارروايون وڌي ويون، جن کي ڏسي پير صاحب جي ڪن سر ڦِرين مريدن پاڻمرادا ڪي اهڙا ڪم به ڪيا، جن مان هڪ پاسي ته سندن جان نثاريءَ جا ثبوت مليا ۽ مريدن ۾ ٻڌيءَ جو جذبو پيدا ٿيو، ته ٻئي پاسي ڪن مريدن اهڙا به ڪم ڪيا، جيڪي پير صاحب جي مرضيءَ جي خلاف هئا ۽ سندس ناراضگيءَ جو باعث بڻيا. ان ڪري پير صاحب انهن کي ضابطي ۾ آندو، ڪن جي درگاهه تي اچڻ تي پابندي وڌي. اهڙين حالتن ۾ خليفي نبي بخش جي پوٽي خليفي غلام نبي لغاريءَ، جو پير حزب الله جو همعمر ۽ خليفو به هو، ان اهو اصول پيدا ڪيو ته ”سلام هڪڙي پير کي، الله به هڪ، رسول به هڪ ته پير به هڪ، باقي نه پير جو ڀاءُ، نه پير جو پُٽ نه ٻيو. سلام صرف پڳدار کي آهي.“ هن معاملي کي هو ان حد تائين وٺي ويو، جو پير پاڳاري ۽ ٻين ۾ فرق رکڻ ضروري ٿي پيو. نتيجي طور جماعت ۾ هڪ فرقو پيدا ٿيو، جيڪي ’فرق وارا‘ سڏجڻ لڳا. پير صاحب جماعت ۾ فرقي ٺهڻ جي خلاف هو، سندس خيال هو ته جماعت هڪ هجي. ان ڪري ’فرق‘ وارن تي ظاهري سختي ڪيائون، سندن ڪاررواين کي رد ڪيائون، پر ڳالهه جو بنياد ختم نه ڪيائون. فرق وارن مخالفن سان سختيون ڪيون، مختلف پيرن ۽ خود مير علي مراد تي حملا ڪيا ويا. نتيجي طور پير صاحب تي قتل جو ڪوڙو ڪيس درج ڪيو ويو، پر عدالت ۾ پير صاحب ڪامياب ٿيو ۽ ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيو. پوءِ جن مريدن فرق واري ڳالهه تي سختيءَ سان عمل ڪيو، سي پاڻ کي فرق وارا ’حر‘ سڏائڻ لڳا.جڏهن ته باقي جماعت وارا ’سالم‘ سڏيا ويا، پر ’حُر‘ جو لقب سڄيءَ جماعت لاءِ عام ٿي ويو ۽ اڄ تائين جماعت جي سڃاڻپ ئي ’حر‘ لفظ سان آهي. جماعت پير صاحب سان هر قسم جي وفاداريءَ جو ثبوت ڏنو. هنن دنيا جي بادشاهن وانگر مرشد کي هار پارايو، جنهن ۾ لکين روپين جا هيرا ۽ جواهر جڙيل هئا. مطلب ته مرشد کي پوشاڪ اهڙي پارايائون، جيڪا شهنشاهن جي شايان شان هجي. سندن ڪامين کي سونن مٺين واريون تلوارون هونديون هيون. پير صاحب جي سواريءَ لاءِ هاٿي مهيا ڪيو ويو. پير صاحب جي عشق ۾ پير صاحب لاءِ ڪوٽ، تجرون ۽ مسندون ٺهرايون ويون. جنهن ڳالهه هڪ طرف ميرن ۾ حسد پيدا ڪيو ۽ ٻئي طرف انگريزن کي خار لڳا ته ملڪ جا مالڪ هُو ۽ ٺٺ ٺانگر وري هيءُ پير صاحب پيو ڪري. مير علي مراد انگريزن سان سازباز ڪري پنهنجن ماڻهن هٿان پير صاحب تي حملا ڪرايا، پير صاحب جا ماڻهو مارايا، پر پير حزب الله شاهه ڪڏهن به انگريزن جي نه آڻ مڃي ۽ نه هيڻي ٻوليائين. فرق وارن مير علي مراد تي حملو ڪيو، انگريزن ان ۾ بهادر لغاري ۽ غلام نبي لغاريءَ جا نالا ڏنا ته اهي پيش ڪيا وڃن، پير صاحب ائين نه ڪيو. غلام نبي سعودي عرب هليو ويو ۽ سندس غير موجودگيءَ ۾ کيس ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي. پير حزب الله انگريزن لاءِ سخت خطرو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته فرق وارن فقيرن جون ڪارروايون سندن خيال ۾ پير صاحب جي حڪم تي ٿي رهيون آهن. خاص ڪري ٻن واقعن انگريزن کي وڌيڪ مڇرايو. پهريون لئنسڊائون پل جي افتتاح يعني 1889ع ۾ انگريزن هڪ تقريب منعقد ڪئي ۽ آس پاس جي سمورن اثر رسوخ وارن ماڻهن کي دعوت ڏئي گهرايو ويو، جن ۾ پير حزب الله به شامل هو ۽ جڏهن انهن محفل دوران ٻين اميرن ۽ ميرن وانگر شراب آڻي پير صاحب جي آڏو رکيو ويو ته پير صاحب اهو چئي گلاس اڇلائي ڦٽي ڪيو ته هيءَ اسان جي بي عزتي ڪئي وئي آهي. هي ملڪ اسان جو آهي، اسان شراب پيئندڙ ڌارين سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه آهيون، جن هتي گهرائي اسان جي بيعزتي ڪئي آهي. ان محفل ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ جو گورنر به آيل هو ۽ انگريزن پير صاحب جي ان عمل کي پنهنجي شان جي گهٽتائي سمجهيو، ٻيو واقعو پير صاحب پاران ترڪيءَ جي سلطان عبدالحميد ثانيءَ کي خط لکڻ هو، جنهن ۾ ڄاڻايو هئائين ته انگريزن هتي قبضو ڪيو آهي ۽ اهي هتي غير اسلامي قانون نافذ ڪرڻ چاهين ٿا. اهي ٻئي عمل انگريزن کي چيڙائڻ لاءِ ڪافي هئا. سيد حزب الله شاهه علم ۽ فضل جي حوالي کان اعليٰ مقام رکندو هو. قرآن ۽ حديث جي علم ۾ مهارت رکندو هو. پاڻ سنڌي زبان ۾ قرآن جو تفسير لکرايائين، جنهن جو نالو ’تفسير ڪوثر‘ رکيائين، جنهن کي پوءِ سندس فرزند شاهه مردان شاهه اول شايع ڪري تقسيم ڪرايو. پاڻ قادر الڪلام شاعر به هو، سندس تخلص ’مسڪين‘ هو. ’ديوان مسڪين‘ سندساعليٰ شاعريءَ جوزنده ثبوت آهي، جيڪو جمعيت علماءِ سڪندريه طرفان شايع ٿيل آهي. پاڻ پنهنجي دور جي فارسيشاعرن جوبه سرواڻ هو. شاعر سندس دعوتن تي توڙي پاڻمرادو اچي پنهنجو ڪلام ٻڌائي کانئس داد ۽ انعام اڪرام وصول ڪندا هئا. انهن ناليوارن شاعرن ۽ اديبن ۾مولوي بهـاءُ الديـن ’بهائي‘ ثانـي ۽ سعدي پتافيقابل ذڪر آهن، جنهن کي پير صاحب سندس هڪ شعر تي بيحد خوش ٿي، پيلبان سوڌو هاٿي انعام طور ڏنو هو. پير صاحب جيسلمير مان سنگ مر مر گهرائي تخت ٺهرايو ان ڪري ’تخت ڌڻي‘ مشهور ٿيو.پير صاحب مدرسو ۽ موجوده مسجد شريف ۽ روضي جي تعمير به ڪرائي. سندس حڪم ۽ رهنمائيءَ هيٺ مسجد جي پيش امام مولوي عبدالقادر سولنگيءَ (جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي) ٻارهن چونڪيون ٺاهيون ۽ جملي جماعت کي ٻارهن انتظامي حصن ۾ ورهائي، هڪ هڪ حصي جو جدا جدا نگران خليفو (مُک) مقرر ڪيو. انهن کي ٻارهن مهينا، هڪ هڪ مهينو مقرر ڪري ڏنو ويو ته جيئن جماعت ۽ درگاهه جو انتظام بهتر نموني سان هلي سگهي. اڄ تائين اهو ئي تنظيمي سلسلو جاري آهي. پير صاحب 4 محرم 1308هه/21 آگسٽ 1890ع ۾ پنجاهه سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. چيو وڃي ٿو ته پير صاحب کي کاڌي ۾ زهر ڏنو ويو هو، جنهن سان سندن شهادت ٿي آهي، ان ڳالهه جو دستاويزي ثبوت ته نه مليو هو، پر اها ڳالهه ان وقت زبان زد عام هئي. کيس اٺ فرزند هئا، جن مان ٻه قابل ذڪر آهن: (1) وڏو فرزند سيد علي گوهر شاهه ثاني، ۽ (2) ٽيون نمبر فرزند سيد شاهه مردان شاهه اول. پير صاحب جي رحلت بعد سندس وڏو فرزند سيد علي گوهر شاهه ثاني مسند نشين ٿيو. (6) سيد علي گوهر شاهه ثاني ’محافي ڌڻي‘ (چوٿون پير پاڳارو):پير حزب الله شاهه ’مسڪين‘ جي فرزند سيد علي گوهر شاهه ثانيءَ جي ولادت 1275هه/ 1858ع ۾ ٿي. کيس ’محافي ڌڻي‘ جو لقب انڪري مليو، جو هو اڪثر بيمار رهندو ۽ جماعت ۾ سفر نه ڪري سگهندو هو. ان ڪري محافو (ڏولي) ٺهرائي، اُن ۾ سوار ٿي سفر ڪندو هو. پير صاحب والد جي حڪم تي حضرت پير سيد محمد شاهه جيلاني ثاني(چناهه واري) جي هٿ تي بيعت ڪري سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون. ان سان گڏ پنهنجي والد کان به فيض حاصل ڪيائين. پير صاحب 4 محرم 1308هه/ 21 آگسٽ 1890ع تي مسندنشين ٿيو. سندس وقت ۾ ’حر‘ فقيرن انگريز حڪومت خلاف سنڌ ۾ بغاوت ڪئي ۽ سنڌ وطن جي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ هٿياربند جدوجهدشروع ڪئي. پير علي گوهر شاهه ثانيءَ فرق وارن فقيرن تان درگاهه تي اچڻ جي پابندي ختم ڪري ڇڏي ۽ کين درگاهه تي اچڻ ڏنو ۽ سفر وقت انهن ڳوٺن ۾ وڃڻ لڳو ۽ سندن دعوتون به قبول ڪيائين. انگريزن کي اهو عمل خراب ۽ ناگوار لڳو ۽ هنن سمجهيو ته پير صاحب ڪمزور آهي ۽ مريدن کي خوش ۽ راضي ڪرڻ ٿو چاهي. پر کين خبر نه هئي ته پير صاحب، سائين حزب الله جو فرزند هو ۽ والد کان جيڪا تربيت ورتي هئائين، ان موجب فرق وارن تان پابنديون لاهي وڌيڪ آزاد خياليءَ جو مظاهرو ڪيو هئائين. انگريزن پير علي گوهر شاهه جي فقيريءَ، طبع جي ضعيفيءَ، وڏن خليفن جي گذاري وڃڻ ۽ خليفي علام نبيءَ جي سعودي عرب هليو وڃڻ، ڪيترن فقيرن کي ڦاسيون ملڻ بعد انگريزن پنهنجن ڇاڙتن ذريعي ڪن طاقت وارن فقيرن کان ڪجهه اڻ وڻندڙ ڪارروايون ڪرايون. انهن ڪاررواين پٺيان سانگهڙ، خيرپور، ٽنڊي باگي وغيره جي صوبيدارن جو هٿ هو. بهرحال انهن سازشن جي باوجود حر تحريڪ ختم نه ٿي سگهي. حرن جي قيادت ڪندڙ(1) بچو (بادشاهه) خاصخيلي(وڌيڪ ڏسو: بچو بادشاهه- جلد پهريون)،(2) پير بخش عرف پيرو وسـاڻ (وزيـر)، (3) گـلـو فقيـر مـوچي (ڪوٽوال)،(4) ڀلو فقير ڳاهو، (5) مصري فقير گهانگهرو، (6) فتلو ڏاهري (قاضي)، (7) سومر فقير ڳاهو، (8) خميسو وساڻ، (9) راڻو وساڻ، (10) عيسو ڏاهري، (11) عثمان هنڱورجو ۽ (12) تڳيو فقير چانگ هئا، جن کي ’ٻارهن ٻهروٽيا‘سڏيو ٿي ويو. اهيمکي ڍنڍ (ضلعي سانگهڙ) جي ٻيلن ۾ پنهنجي خانگي حڪومت قائم ڪري، وڏيءَ بهادريءَ سان انگريز سامراج خلاف وڙهيا ۽ انگريزن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيائون. شاعر مل محمود پليءَ کين ’مَکيءَ جا مور‘ سڏيو آهي: انگريزن جي صاحبي، چوڏهين صديءَ سير، پــرڏر اچــي پيــدا ٿيا، بانڪــا بينظيــر، ٻارهن ڄڻا ٻهروٽيا، مکيءَ پاسـي ميــر، بچُــو تـن جــو بـادشـاهه، پيـرو تـن وزير. انهـن فقيـرن جـا ڳـڻ نه رڳـو شاعـر، پر مڱـڻـا به محفـلن ۾ ڳائيـندا هئا ۽ عورتون گهرن ۾ رات جو ڳيچن طور ڳائينديون هيون. انگريز سرڪار اهڙن فنڪارن ۽ ڳيچ ڳائيندڙ عورتن کي به قيد ڪرڻ شروع ڪيو. بهرحال اها حر جماعت طرفان آزاديءَ جي تحريڪ جي پهرين جنگ هئي. انگريز سرڪار پير علي گوهر شاهه تي زور ڀريو ته انهن ’ٻهروٽين‘ جون ٻانهون ڏيو، پر پير صاحب اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته رعيت سرڪار جي آهي ۽ سرڪار جي رويي جي ڪري اهي ڪارروايون ڪن ٿا. ان تي پير صاحب کي نظربند ڪري حيدرآباد ۾ رکيائون. فقيرن تي سختيون ڪيون ويون، سندن سخت چوڪسي ٿيڻ لڳي. 1895ع کان انگريزن حرن کي لوڙهن ۾ ٻارن ٻچن سميت بند ڪرڻ شروع ڪيو. 1895ع ۾ پهريون لوڙهو (Concentration Camp) ’جانب جي ڍوري‘ ضلعي سانگهڙ ۾ قائم ڪيو ويو. هڪڙن کي لوڙهن ۾ رکيو ويو، ٻين کي هسٽري شيٽر قرار ڏنو ويو. ڪيترن حرن کي ڦاهيون ڏنيون ويون. پير صاحب تي وڏا زور بار وڌا ويا. نيٺ ڳالهيون ٿيون، ۽ پير صاحب شرط وڌو ته هو باغين کي پيش پوڻ لاءِ چوندو پر مٿن سختي نه ٿيندي. پر جڏهن ڪجهه فقير پيش پيا ته انهن کي ڦاسي ڏني وئي، ان ڪري ٻيا پيش نه ٿيا ۽ وڙهندي شهيد ٿيا (وڌيڪ ڏسندا: ’حر تحريڪ‘، جلد چوٿون).جيئن ته پير صاحب بي اولاد هو، ان ڪري پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي وصيت نامي ذريعي پنهنجي ننڍي ڀاءُ سيد شاهه مردان شاهه اول کي پنهنجو ولي عهد مقرر ڪري ويو. پير صاحب 24 جمادي الثاني 1314هه/ 1 ڊسمبر 1896ع ۾ وفات ڪئي. (7) سيد شاهه مردان شاهه اول ’ڪوٽ ڌڻي‘ (پنجون پير پاڳارو):سيد شاهه مردان شاه اول ولد حزب الله شاهه ’مسڪين‘ 7 صفر 1279هه/ 4 آگسٽ 1862ع ۾ پيدا ٿيو، سندس لقب ’ڪوٽ ڌڻي‘ ان ڪري مشهور ٿيو، جو پاڻ پنهنجيءَ درگاهه جي ٻاهران هڪ وڏو ڪوٽ ڏياريو هئائين. پير صاحب قرآن، حديث ۽ فن جي تعليم ۽ تربيت پنهنجي والد وٽان حاصل ڪئي. هن حضرت پير سيد محمد شاهه جيلاني (چناهه واري) جي هٿ تي بيعت ڪري سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون.پنهنجي وڏي ڀاءُ ’محافي ڌڻيءَ‘ جي وصيت موجب، سندس وصال بعد 27 جمادي الثاني 1314هه/ 4 ڊسمبر 1896ع ۾ 35 سالن جي عمر ۾ سجاده نشين ٿيو. ان وقت سندس وڏي ڀاءُ سيد علي مظفر شاهه سجاده نشينيءَ جي دعويٰ ڪئي ۽ عدالت ۾ مقدمو به داخل ڪيو ويو. سيد شاهه مردان شاهه مسند نشينيءَ کان پوءِ وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏنو. هڪ طرف انگريز سامراج جي مخالفت ۽ ٻئي طرف خانداني مخالفت. پير صاحب نامياري بئريسٽر محمد علي جناح کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪيو، جيڪو تازو برطانيا مان پڙهي آيو هو، اهو مقدمو عدالت ۾ ڪيترا سال هليو ۽ 1899ع ۾ پير صاحب جي حق ۾ فيصلو ٿيو ۽ مظفر شاه جي اها دعويٰ رد ٿي ته هو سجاده نشينيءَ جو حقدار آهي. ان وقت انگريزن جو عروج هو، جن پير سائينءَ کي پنهنجي ڪرڻ لاءِ ڪيترائي حيلا هلايا. شاباس ناما ۽ لقب ڏيڻ جون ڪوششون ڪيائون، لالچون ۽ ڌمڪيون ڏنائون، پر انگريزن جي هر ڪوششناڪام ٿي ۽ هي سدائين بي نياز ۽ بي پرواهه رهيو ۽ درگاهه جي تعمير، ترقي ۽ جماعت جي اصلاحجي ڪمن ۾ مصروف رهيو. درگاهه جي چوڌاري مضبوط شاهي برجن وارو ڪوٽ تعمير ڪرايائين ۽ روضي مبارڪ تي سونو ڇٽ ۽ سونيون نيلون چاڙهڻ سان گڏ مدرسه قادريه (موجوده جامعه راشديه) جي توسيع جو ڪم، مسافرخانو ۽ مهمان خانو به ٺهرايائين. هر سال 27 رجب عيد معراج النبي صلي الله عليه وسلم تي مشهور ۽ معروفعالمن کي گهرائي عاليشان جلسو ڪرائيندو هو.واعظ جي مجلس کان پوءِ عالمن کي تحفن، عطين ۽ نفيس پوشاڪن سان نوازيندو هو. عالمن جو ايتريقدر احترام ڪندو هو،جو سندن هٿ پاڻ ڌُوئاريندو هو.سخاوت ۾ به لاثاني هو، غريبن، نادارن ۽ مسڪينن ۾ بنا فرق جي ڪپڙا، ڪڻڪ، پئسا ۽ طعام ورهائيندو هو. سندس ٽي فرزند هئا: (1) سيد علي حسين شاهه،(2) سيد محمد صبغت الله شاهه ثاني۽ (3) سيد راحم شاهه. پنهنجي وڏي فرزند حسين علي شاهه جي وفات کين جهوري وڌو ۽ آخري وقت ۾ وڏن خليفن کي گهرائي ننڍي فرزند، سيد محمد صبغت الله شاهه ’ثاني‘ جي مسند نشينيءَ بابت وصيت ڪيائون. پير صاحب مختلف فڪري ۽ اصلاحي ڪتاب ۽ رسالا لکرائي پنهنجي مهر سان جماعت ۾ عام ڪيا. اهڙن پنجن ڪتابن کي ’تحفة المرشدين‘ نالي سان محمد يوسف ڀنڀري ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. پير صاحب جو دؤر پر آشوب به رهيو. انگريز حڪومت جي گرفت سنڌ تي مضبوط ٿي چڪي هئي ۽ سڄو هندستان ان جي قبضي ۾ هو. هر قسم جون تحريڪون ساڻيون ٿي چڪيون هيون، با اثر زميندارن ۽ اميرن کي لقبن، جاگيرن ۽ مراعتن سان نوازيو ويو. پوليس ۽ فوج هر هنڌ متعين هئي. اهڙين حالتن ۾ حرن جو زنده رهڻ جوانمرديءَ ۽ آزاديءَ جي حرارت جو نتيجو آهي. پير صاحب گهڻين مشڪلاتن جي گهيري ۾ هو، ان ڪري تحريڪ جي خاطر خواه آبياري ڪري نه سگهيو. حرن جا مختلف جٿا انگريزن سان وڙهندا رهيا. 1895ع کان 1900ع تائين سندن گوريلا ڪاررواين انگريزن کي پريشان ڪري وڌو. پير صاحب تي حڪومت جو دٻاءَ وڌندو رهيو. مصلحت جي تقاضا هئي ته ان شدت کي گهٽائجي ۽ تحريڪ کي مضبوط ڪجي. انهن ئي ڏينهن ۾ بچو خاصخيلي عرف بچو بادشاهه جي ڪاررواين سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ ڏهڪاءُ پکيڙي ڇڏيو هو. انگريزن جي سڄي مشينري حرڪت ۾ اچي وئي. 1896ع ۾ جيمس ٻيهر سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو. حرن بچو بادشاهه جي اڳواڻيءَ ۾ گوريلا جنگ جي شروعات ڪري ڇڏي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ايتري ڪاميابي حاصل ڪري ورتي جو انگريز سرڪار کي ڏندين آڱريون اچي ويون. پوليس دستا سندس مقابلي کان ونءُ ويندا هئا، ان ڪري ملٽريءَ کي ميدان ۾ لاٿو ويو. پر سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ حرن ايڏيءَ ته مضبوطيءَ سان قدم ڄمائي ورتا هئا، جو ظاهري طرح سندن شڪست جو ڪو امڪان نه هو، ڇو ته گهاٽا ٻيلا سندن مضبوط پناهه گاهون هئا، جن ۾ گهڙندي ملٽري ۽ پوليس وائڙي ٿي ويندي هئي، مٿن گولين جا وسڪارا ٿي ويندا هئا. جڏهن سرڪاري حملا وڌي ويندا هئا ته حر مجاهد پناهه گاهن ۾ لڪي ويندا هئا. ان ريت سرڪار جو نڪ ۾ دم ڪري ڏنائون. انگريزن پنهنجو جاسوسي ڄار پکيڙي ڇڏيو ۽ ڪيترا جاسوس حرن جي ويس ۾ حرن جي پناهه گاهن طرف روانا ڪيا، جيڪي ’ڀيڄ پاڳارا‘ جا نعرا هڻندا مختلف وقتن ۽ هنڌن تي بچو بادشاهه جي ساٿين سان ملي ويا ۽ نهايت منافقت سان راز هٿ ڪري حڪومت کي پڄائيندا رهيا. انهن جي ڏس تي حرن جي پناهه گاهن جو گهيرو ڪيو ويو، مٿن بمباري ڪئي وئي، ٻيلا ۽ مورچا تباهه ٿي ويا ۽ ڪيترا حر مجاهد موت جي ور چڙهي ويا، بمباريءَ حرن کي لڪڻ ۽ ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. ٻئي طرف پير صاحب تي حرن جي ڪاررواين بند ڪرائڻ جو دٻاءُ وڌندو رهيو. پير صاحب حالتن جي ناسازگاري ۽ پنهنجن ماڻهن کي اقتدارپرستيءَ کي اکين سان ڏسندي حرن کي ڪاررواين کان روڪيو، جنهنڪري حرن جون سرگرميون ٿڌيون ٿيڻ لڳيون. انگريزن ان ڳالهه کي غنيمت سمجهي حرن تي ايڏا ظلم ڪيا، جو ڪيترا خاندان تباهه ٿي ويا، بي شمار حر مجاهدن کي ڦاسيون ڏنيون ويون. جن تي به حر هجڻ جو شڪ ٿيندو هو، تن کي گولين سان اڏايو ويندو هو. 1896ع ۾ انگريزن بچو بادشاهه کي سانگهڙ ۾ گرفتار ڪري ورتو ۽ شادي پليءَ ۾ درٻار لڳائي سرڪاري جاسوسن ۽ پوليس عملدارن کي تلوارون، لونگيون ۽ انعام ڏنا ويا. ٻارهن ٻهروٽين خلاف قدم کنيا ويا. 1898ع ۾ هڪ ڀيرو وري گوريلا جنگ شروع ٿي، پر پير صاحب حالتن جي سنگينيءَ کي ڏسي ان کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. حرن کي انگريزن سان سخت نفرت هئي، کين مرشد سان حد درجي جي عقيدت هئي، ان ڪري سندس دشمنن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار هئا. جيتوڻيڪ انهن کي مرشد جي چوڻ تي جنگ بند ڪرڻي به پوندي هئي، پر منجهن موجود جهاد ۽ حب الوطنيءَ جو جذبو کين بيچين رکندو هو، ۽ ٿوري ئي اشتعال تي سرڪار سان ٽڪراءَ ۾ اچي ويندا هئا. حرن تي بي پناهه سختيون ڪيون ويون، کين لوڙهن ۾ بند ڪيو ويو، ڪيترن کي احمد نگر طرف جلاوطن ڪيو ويو. پير شاهه مردان شاهه اول انگريزن کي مطمئن ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ سندن گهر تي 1914ع جي پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ انگريزن کي آزمائشي طور 500 ويڙهاڪ به ڏنائين ۽ سندن مالي مدد ڪيائين، تڏهن وڃي لوڙهن جو خاتمو ٿيو. باوجود ان جي انگريزن هن گاديءَ تي چوڪسيءَ جي نظر رکي ۽ جماعت کي اک جو ڪنڊو سمجهيو. اهڙين پرآشوب حالتن ۾ پير صاحب جي وفات 7 ربيع الاول 1340هه/ 8 نومبر 1921ع تي اڱاري جي ڏينهن ٿي. سندس وفات کانپوءِ سندس فرزند سيد محمد صبغت الله شاهه ثاني مسند نشين ٿيو. (8) سيد صبغت الله شاهه ثاني شهيد (پڳ ڌڻي)،سورهيه بادشاهه(ڇهون پير پاڳارو):سنڌ جي تاريخ ۽ حُر تحريڪ جو عظيم اڳواڻ، سيد شاهه مردان شاهه اول ’ڪوٽ ڌڻيءَ‘ جو ٻيو نمبر فرزند سيد صبغت الله شاهه ثـاني المـعـروف ’شهيد سورهيه بادشاهه‘، 13 صفر 1327هه/ 5 مارچ 1909ع تي پير جي ڳوٺ (ضلعيخيـرپـورميـرس) ۾ پيدا ٿيو. پير صاحب جي عمر ٻارهن سال مس هئي ته سنــدس والد محـتــرم جـو انتــقــال ٿـيـو ۽ ان ئــي نـنــڍي وهـيءَ ۾ ســنـدس ’پيـر پاڳاري‘ جي حيــثيــت ۾ دسـتـاربنـدي ڪـئي وئـي. اهــڙي طـرح آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو جذبو ۽ انگريزن خلاف نفرت کيس ورثي ۾ مليا. پير صاحب جي ننڍي عمر هئڻ ڪري، هڪ طرف سندس ويجهن ۽ وڏن عزيزن کي اميد هئي ته هي ننڍڙو پاڳارو سندس صلاح مشوري سان اٿندو ويهندو ۽ انهيءَ ڪري سندن ذاتي اثر رسوخ ۾ به واڌارو ٿيندو. ٻئي طرف انگريزي حڪومت جي هوشيار ڪار پردازن سوچيو ته هن ننڍڙي پير تي اثر وجهي سندس نشونما اهڙي نموني سان ڪجي، جيئن هو خانداني روايتن کان منهن موڙي، انگريزن جو دوست ۽ وفادار ٿي رهي، ٽئين طرف درٻار جي جهونن خدمتگارن ۽ خليفن جو خيال هو ته هو پير صاحب کي هو پنهنجي مرضيءَ موجب هلائيندا. پر پير صاحب ننڍيءَ عمر ۾ ئي نهايت دلير، جرئتمند ۽ پڪي ارادي جو مالڪهو. سندس شخصيت ۾ هڪ خاص قسم جي انفراديت هئي، جو ٻين جي ڳالهين تي جيئن جو تيئن عمل نه ڪندو هو. هو هڪ آزاد طبع جو مالڪ هو، جنهن کي خارجي ضابطن سان نفرت هئي. هو پنهنجو پاڻ سوچيندڙ هو. ان ڪري مشورن کي محض مشورا ڪري ٿي ڄاتائين ۽ ٻين جي صلاحن کي جيئن جو تئين مڃڻ لاءِ تيار نه هو. سندس شخصيت ۽ ڪردار جو روح خود اعتمادي ۽ ارادي جي مضبوطيءَ ۾ سمايل هو، منجهس آزاديءَ جو جذبو موروثي هلندو پئي آيو ۽ صبغت الله شاهه اول مان سندس نالي پويان سڏيل صبغت الله شاهه ثانيءَ ۾ انهيءَ جذبي جو هئڻ بلڪل ممڪن هو. پير صاحب حُر جماعت کي منظم ڪرڻ طرف خاص ڌيان ڏنو. پنهنجيءَ جماعت سان گڏ سفر ڪري جماعت کيايڪي، ٻڌيءَ، بهادريءَ ۽ اسلامي اصولن تي هلڻ جو درس ڏنو. هر قسم جي نشي کان پرهيز ڪرڻ ۽ عورتن کي عاج جا چوڙا ۽ ولايتي ڪپڙا پائڻکان منع ڪيائين. هڪ ڀيري سندن چاچي مرحوم پير علي گوهر شاهه ثانيءَ جي نالي انگريزن طرفان مليل ڪو آفرين نامو گهر بنگلي جي ڀت تي ٽنگيل ڏٺائون ته اهو اڇلي ڀڃي ڇڏيائون ۽ چيائون ته ”اسان جا وڏا ڪيڏا نه سادا هئا. الله تعاليٰ سندن عزت ايترو بلند ڪئي، پر ان هوندي به هي آفرين ناما رکي ڇڏيا اٿن!“ پير صاحب جي سجاده نشين ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه عزيزن جي مخالفت وڌي وئي.انگريز سرڪار ته اڳي ئي ڪنهن بهاني جي تلاش ۾ هئي، جماعت جي ڪجهه فقيرن جي سخت رويي سبب پير صاحب جو ڀاءُراحم شاهه ۽ سندن ڀائٽيو به مخالف ٿي بيٺا ۽ انگريزن ۽ درگاهه جي مخالفن ان موقعي کي غنيمت ڄاتو ۽ انگريز حڪومت کي پير صاحب جي عزيزن مان فريادي ۽ شاهد ملي ويا. هنن ننڍين ڳالهين کي وڏو ڪري، تيليءَ مان ٿنڀ بنائي، 26 مارچ 1930ع تي سکر پوليس جي ايس. پيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ وڏي اٽالي هٿاندرگاهه تان پير صاحب کي گرفتار ڪرائي سينٽرل جيل سکر ۾ رکي، مٿس ڪوڙو مقدمو داخل ڪرايو ويو.اهو مقدمو 23 اپريل 1930ع تي هليو، جنهن ۾ پير صاحب جي وڪالت محمد علي جناح ڪئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته: چون ٿا ته جناح صاحب کي راز طور ٻڌايو ويو ته حڪومت هر حالت ۾ پير صاحب کي نه ڇڏيندي، انهيءَ ڪري هو سندس وڪالت نه ڪري، پر جناح صاحب نه مڙيو، ڪورٽ ۾ آيو. مگر جج طرفان ٿيندڙ زيادتين تي احتجاج ڪري هليو ويو. مقدمو ڪوڙو ثابت ٿيو، ان هوندي به ڪوڙين شاهدين سان زبردستيءَپير صاحب تي ڏوهه ثابت ڪري، کيس ڏهن سالن لاءِ قيد ڪري پهرين لاڙڪاڻي، پوءِ ڪراچيءَ ۽ ان کان پوءِ رتناگري (بمبئيءَ ويجهو) جيل ۾ آندو ويو. رتناگري جيل ۾ پير صاحب پنهنجي جد امجد سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي ملفوظات جو خاص ڪري گهرو مطالعو ڪيو. ان کان سواءِ ڪيترا فارسي، اردو ۽ سنڌي ڪتاب پڙهيائين، انهن ڪتابن مان انتخاب تاليف ڪيائين. ڪيترن ڪتابن جي حاشين تي پنهنجا خيال ۽ رايا نوٽ ڪيائين. کين جڏهن رتناگريءَ مان مدناپور منتقل ڪيو ويو ته اتي به مطالعو جاري رکيائين. ان عرصي ۾ هندستان جي سياست کي سمجهڻ شروع ڪيائين ۽ وقت جي ڪيترن انقلابين سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين. پير صاحب جي آزاد ٿيڻ ۾ اڃا ڏيڍ سال کن هو ته پويان حڪومت جماعت جي ماڻهن جي خيالن ۽ رجحانن جي جاسوسي ڪرائڻ شروع ڪئي. حد جي هر ٿاڻي اندر مريدن کي گهرايو ويو. بالغ نوجوانن کان وٺي پوڙهن تائين سڀني جا نالا لکيا ويا. سڀني کي ضلعي جي ايس. پي ۽ ڪليڪٽر جي آڏو پيش ڪيو ويو. اهي قدم حڪومت ان ڪري کنيا، جو ان کي پير صاحب جي انقلابي سوچ ۽ آزاديءَ واري حڪمت عمليءَ جو پتو پئجي چڪو هو. پير صاحب ستن سالن جي قيد کان پوءِ آزاد ٿي جڏهن درگاهه تي پهتو. ان وقت هڪ عالم ۽ فقير مولوي فيض محمد راڄڙ کيس مشورو ڏنو ته اوهان جي چؤطرف دشمنن ۽ مخالفن جو گهيرو آهي، تنهنڪري پنهنجيءَ درگاهه تي رهي ذڪر فڪر ۽ عبادت الاهيءَ ۾ گذاريو ۽ پنهنجي جماعت جي تربيت ڪريو. پير صاحب پنهنجي مريدن جي اصلاح لاءِ هدايتون ڪيون. نشائين نشا ڇڏي ڏنا. عورتن عاج جا چوڙا پائڻ ۽ جماعتين انگريزي لباس پائڻ ڇڏي ڏنو. جماعت وارن سانگهڙ ڀرسان پير صاحب لاءِ ’گڙنگ‘ لڳ بنگلو ٺهرايو، جتي مريدن جون دعوتون وٺندا هئا. هي بنگلو ڄڻ ته انقلابي تحريڪ جو مکيه مرڪز بنجي پيو. پير صاحب رات جو پوشاڪ بدلائي، جماعت ۾ وڃي گهمندو هو ۽ سندن اصلاح ڪندو هو. هندن ۽ مسلمانن جي ايڪي تي زور ڏيندو هو. ان عرصي دوران پير صاحب حج جي فرض ادا ڪرڻ ۽ حرمين شريفين جي زيارت لاءِ حجاز مقدس پهتو. حج کان پوءِ مديني منوره ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي بارگاهه ۾ به حاضري ڏنائين. ان دوري دوران اتي جي ڪيترن عالمن سان ملاقاتون ڪيائين. ان وقت سياسي صورتحال اها هئي ته انـڊيـن نيـشنـل ڪانگريس، آزاد هندستان جي منصوبي تي عمل پيرا هئي. ٻئي طرف پير صاحب جي حُر تحريـڪ به سـرگـرم هـئي، جنـهـن کان نـه رڳـو انگـريـز سرڪار، پر سنڌ جا دلال زميندار ۽ جاگيردار به خائف هئا، جيڪي پير صاحب جي مخالفت ۾ انگريزن جي جهوليءَ ۾ وڃي ڪريا هئا. پير صاحب جماعت کي منظم ڪيو. غازين جي عام ڀرتي ڪئي وئي. مسجد منزل گاهه واقعي وقت غازين کي ڳوٺن ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ هندن جي تحفظ ڪرڻ جي هدايت ڪيائون. اها صورتحال ڏسي انگريز حڪومت طرفان ٻي حڪمت عملي سوچي وئي. سکر جي ڪليڪٽر پير صاحب کي ملاقات لاءِ گهرايو، پاڻ خليفي احمد کي ڪليڪٽر ڪوٺا والا ڏانهن موڪيائون، جنهن ساڻس گجراتيءَ ۾ ڳالهايو، ڇو ته ڪليڪٽر جيتوڻيڪ پارسي هو، پر سندس ماءُ گجراتڻ هئڻ ڪري گجراتي سمجهندو هو. هن پير صاحب کي هڪ تلوار ۽ بندوق انعام طور ڏيڻ چاهي. خليفي احمد ذريعي جڏهن پير صاحب کي اها ڄاڻ پئي ته پير صاحب نه رڳو اهي شيون وٺڻ کان انڪار ڪيو پر گورنر کي چوائي موڪليائين ته ”اسان وٽ اسان جا هٿيار موجود آهن“. گورنمينٽ سندس انڪار کي سرڪشي سڏيو. سنڌ تي سخت گير گورنر ’سر هوچ ڊؤ‘(Sir Hoetch Du) مقرر ڪيو ويو، جنهن پير صاحب خلاف سخت رويو اختيار ڪيو. گورنر ’هوچ ڊؤ‘ طرفان پير صاحب کي چيو ويو ته هُو فقط ڪراچيءَ ۾ رهي. پاڻ ڪجهه وقت ڪراچيءَ ۾ رهيو، ان کان پوءِ پنهنجيگهر وارن کي درگاهه پير جي ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ ڪراچيءَ کان بنا اجازت هليو آيو. ڪليڪٽر سکر وڏي فوجي اٽالي سان اچي کيس گرفتار ڪري ڪراچيءَ ۾ مير خدابخش خان جي بنگلي تي رهايو ۽ پوءِ 20 سيپٽمبر 1941ع تي ڪراچيءَ کان کيس جبلپور جيل ۾ اماڻيو ويو. پير صاحب ساناها ناجائزي ڏسي، حر جماعت جي سرڪش اڳواڻن انگريزن خلاف مسلح بغاوت شروع ڪري ڏني ۽ باقاعدي ’وطن يا ڪفن‘ جو نعرو بلند ڪري سنڌ جي آزاديءَ جي لاءِ گوريلا جنگ وسيلي اهڙي دهشت پکيڙي ڇڏي،جو برطانوي حڪومت لُڏي وئي. انگريزن 1942ع ۾ حرن کي چِٿڻ لاءِ پوري هندستان مان فقط سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري، هڪ طرف پير صاحب خلاف ڪيسن مٿان ڪيس داخل ڪيا ته ٻئي طرف حر جماعت خلاف سخت قدم کنيا ويا. حرن جون لسٽون ٺاهي،سندن حاضريون لڳايون ويون، کين اهل ۽ عيال سميت لوڙهن ۾ جانورن وانگر بند ڪيو ويو، ۽ کين سرعام گولين جو نشانو بنايو ويو، سندن ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ڪيا ويا. فصل ساڙيا ويا، ملڪيتون ۽ گهر مال لٽيا ويا، جڳهه جڳهه تي ڦاسي گهاٽ ٺاهي کين سرعام ڦاسيون ڏنيون ويون. مطلب ته آزاديءَ جي متوالن حرن تي هر قسم جو ظلم روا رکيو ويو. ٻئي طرف انگريزن درگاهه ’پير جو ڳوٺ‘ تي قبضو ڪري، ڪوٽ وغيره ڊاهي ڇڏيو ۽ سانگهڙ ۾ ’گڙنگ بنگلي‘ کي بمن سان اڏايو ويو. پير صاحب جي گهر ڀاتين کي نظر بند ڪيو ويو. سرزمين سنڌ جي حر سورهين ’مارشل لا‘ کي مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏنو. قيدن جون سختيون سٺيون. لوڙهن ۾ ٻارن ٻچن سميت قيد ٿيا، پر هيڻي نه ٻوليائون. لوڙهن ۾ حرن جا سوين ٻارڙا، زالون ۽ ٻڍڙا بکن ۽ بيمارين وگهي مري ويا. پير صاحب تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري، حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ مٿس مقدمو هلايو ويو.کين ’معافي‘ وٺڻ لاءِ راضي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، پر انگريز هر طرح ناڪام ويا. حيدرآباد جيل ۾ قيد حرن جي سڃاڻپ لاءِ جاسوسن کي برقعا پارائي موڪليو ويو ۽ ان بنياد تي ڪيئي بهادر ڦاسيءَ تي لٽڪي ويا. آخرڪار مٿس جيل ۾ ڪيس هلائي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. چون ٿا ته ڦاسيءَ واري رات جيل ۾ انگريز آفيسر سڄي رات پير صاحب سان شطرنج راند کيڏي، پر پير صاحب کيس هر داءَ ۾ هارايو. ان مان پير صاحب جي دليري ۽ خود اعتماديءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. آخر کيس 20 مارچ 1943ع تي ڦاسي ڏئي شهيد ڪري، ڪنهن نامعلوم هنڌ دفن ڪرايو ويو.پير صاحب وڏو عالم به هو. هن حر پوئلڳن لاءِ ’تنبيهه الفقراءَ‘ نالي نصيحتن تي مشتمل هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن کي حافظ محمد يوسف ڀنڀري سڪندري ترتيب ڏنو آهي ۽ سڪندريه پبليڪيشنز جاعمه راشديه، درگاهه پير جو ڳوٺ پاران جولاءِ 2005ع ۾ ڇپايو ويو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو 20 مارچ 2007ع ۾ ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾ مريدن کي اصلاحي هدايتون ڏنل آهن، جهڙوڪ: (1) جيڪو مريد سچي ارادي سان مرشد ٿو وٺي اهو فيض حاصل ڪندو، (2) سچي تي ڪاوڙ ڪرڻ خراب ڳالهه آهي، (3) هزار عبادتون هڪ گناه جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن، (4) علم، حيا، فياضي ۽ رحم کي هٿان نه ڇڏيو، (5) ڪوڙي جي حڪومت لمحن تائين هلندي. هن ڪتاب ۾ اهو به لکيائون ته سرڪار کين ڪتاب لکڻ نه ٿي ڏئي، ان ڪري ڪتاب لکڻ بند ٿا ڪريون، ٻاهر اچي لکندا سون. صرف ڪتاب پڙهي انهن تي نشان ٿا ڏيون ته جيئن ان مان رهنمائي حاصل ڪريو. (9) سيد شاھه مردان شاھه ثاني ’ڇٽ ڌڻي‘ (ستون پير پاڳارو):پير سيد شاھھ مردان شاھھ ثاني، سورھيھ بادشاھھ شھيد صبغت الله شاھھ جو وڏو فرزند ھو. سندس عرفي نالو سيد سڪندر علي شاھھ ۽ لقب ’ڇٽ ڌڻي‘ ھو ۽ کيس وطن جي خدمت جي سلسلي ۾ ’محسن ملت‘ سڏيو ويندو ھو. سيد شاھھ مردان شاھھ ثانيءَ جي پيدائش 22 نومبر 1928ع تي پير جو ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿي. اڃا اڍائي سالن جو مس ھو تھ سندس والد کي حڪومت برطانيا گرفتار ڪري بنگال پھچايو ھو. ان ڪري سندس سار سنڀال حر جماعت جي مقتدر خليفن ڪئي، جن مان وڏو خليفو حاجي موسيٰ وساڻ ھو. پير صاحب 1355ھھ/1936ع ۾ پنھنجي خانداني مرشد پير سيد محمد شاھھ جيلانيءَ جي ھٿ تي بيعت ڪئي، ان وقت سندس مرشد جي عمر 84 سال ھئي. انهيءَ سال ئي سندس والد انگريزن جي قيد مان آزاد ٿي درگاھھ تي پھتو ۽ پنھنجي نگرانيءَ ۾ پنھنجن ٻنهي پٽن سيد شاھھ مردان شاھه عرف سيد سڪندر علي شاھھ ۽ سيد نادر علي شاھھ جي تعليم ۽ تربيت جو جوڳو بندوبست ڪيو. پير صاحب جي والد شھيد سورهيه بادشاهه کي جڏھن انگريزن ٻيھر 1941ع ۾ گرفتار ڪيو، ان وقت موجوده پير سائين پاڳاري جي عمر صرف تيرھن سال ھئي. سندس والد کي ڪراچيءَ ۾ اھل و عيال سميت بنگلي ۾ نظربند ڪيو ويو هو. پوءِ جڏھن انگريزن سورھيھ بادشاھھ صبغت الله شاھھ کي شھيد ڪيو تھ کيس ۽ سندس ننڍي ڀاءُ سيد نادر علي شاھھ کي محمد ھاشم گزدر وسيلي 1943ع جي آخر يا 1944ع جي اوائل ۾ علي ڳڙھھ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرايو ويو. بعد ۾ جون 1946ع ۾ هنن کي وڌيڪ تعليم جي بھاني حڪومت انگلنڊ موڪلي ڇڏيو، جتي کين ھيرو جي ويجهو پنر (Pinner) نالي ڳوٺاڻي علائقي ۾ رٽائرڊ ميجر سي ڊيوس جي پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. اھڙي طرح سندن سجاده نشينيءَ کي ممنوع قرار ڏنو ويو. ٻنهي ڀائرن لاءِ انگلنڊ ۾ دلچسپيءَ جي ڪا بھ شيءِ موجود نھ ھئي. ان اسڪول ۾ شاگردن جو تعداد 12، 13مس ھو، جيڪي سڀ غير ملڪي هئا، جتي سندن پڙھائي پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ بھ جاري رھي ۽ گرئجوئيشن مڪمل ڪيائون.14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو، پر قيام پاڪستان کانپوءِ بھ لکين ’حر‘ ٻارين ٻچين انگريزن جي قائم ڪيل ’لوڙھن‘ ۾ بند ھئا. پاڪستان حڪومت، حر جماعت ۽ پاڳارا خاندان وچ ۾ رابطي ذريعي پير صاحب جي گادي بحال ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾ حر جماعت جي خليفن قائد اعظم محمد علي جناح سان ملاقات بھ ڪئي، پر ڪجهھ ئي عرصي کان پوءِ تاريخ 11 سيپٽمبر 1948ع تي قائداعظم وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ پير سيد محمد افضل شاھھ (چناھه شريف، ضلعي جهنگ وارو)، حرن جي نمائندي طور وفد سان گڏجي پاڪستان جي پھرئين وزيراعظم لياقت علي خان ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ خان بھادر محمد ايوب کھڙي سان مليو ۽ پير صاحب پاڳارن جي گادي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. انهن ڪوششن دوران شيخ دين محمد ڪشميري سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو، جيڪو پير سيد محمد افضل شاھه جو مريد ھو. پير صاحب شيخ دين محمد سان ملاقات ڪري کيس سموري حقيقت کان آگاھھ ڪيو. شيخ صاحب پاڻ پير جي ڳوٺ اچي، پير صاحب سميت درگاھھ شريف جو حال ڏٺو، ۽ اتي جو اتي حڪم ڏنائين تھ مريد ڀلي درگاھھ کولي اچي آباد ڪن. ان بعد درگاھھ کلي ۽ پير صاحب پـاڳاري جـي والـده ۽ پڦـي اچـي درگاھھ تـي رھيـون. گادي بحال ٿيڻ کان پوءِ ترت پير سيد افضل شاھھ جيلاني وفات ڪري ويو. جيئن ئي پير صاحبن جي گادي بحال ٿي ۽ درگاھھ کلي تھ ٻئي ڀائر (پير صاحب پاڳارو ۽ سيد نادر علي شاھھ) پاڪستان اچي پھتا. 7 جمادي الاول 1361ھھ/ 4 فيبروري 1952ع تي درگاھھ پير جي ڳوٺ تي ھڪ عظيم الشان اجتماع ۾ گورنر سنڌ شيخ دين محمد، سيد شاھھ مردان شاھھ ثانيءَ جي سجاده نشينيءَ جو اعلان ڪيو. اھڙيءَ طرح پنھنجن وڏن جي روايتن مطابق راشدي خاندان جي گادي ھڪ ڀيرو ٻيھر بحال ٿي ۽ پير شاھھ مردان شاھھ ثاني عرف سڪندر علي شاھھ ستين پير پاڳاري طور سجاده نشيني سنڀالي. سجاده نشين ٿيڻ کان ترت پوءِ پير پاڳاري حڪومتِ پاڪستان کان لوڙھن ۾ بند حرن جي آزاديءَ ۽ بي گهر ٿيلن جي آباديءَ جو مطالبو ڪيو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ جي. ايم. سيد ۽ ٻين پاران بھ اھڙو آواز اُٿاريو ويو. نيٺ پاڪستان ٺھڻ کان چار سال پوءِ حڪومت پاڪستان اھو مطالبو مڃيندي، انگريزن جي ظالم قانون کي رد ڪري سموريون ڪئمپون ۽ لوڙھا ختم ڪيا ۽ پھرين اپريل 1952ع تي سمورن حرن کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سڀ حر آزاد ٿيا ۽ بي گهر ٿيل پنھنجن اصلي گهرن ڏانھن موٽي آيا. پير مسند نشين ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي جماعت کي پرامن رھڻ، قانون مطابق زندگي گذارڻ، ملڪ سان وفادار رھڻ، پاڙي وارن ۽ واسطيدارن سان دوستي، محبت، امن ۽ ڀائيچارو قائم ڪرڻ، تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ، دين اسلام تي ڪاربند رھڻ ۽ جهيڙي فساد ۽ برن ڪمن کان پري رھڻ ۽ قادري طريقي سان لاڳاپيل رھڻ لاءِ واعظ ۽ نصيحتن جو سلسلو جاري رکڻ جو حڪم ڏنو. پير صاحب پنھنجي جماعت مان ھزارين جوان چونڊي، پاڪ فوج جي نگرانيءَ ۾ رضاڪار ’حُر فورس‘ جوڙيو. 1965ع ۽ 1971ع ۾ جڏھن ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگيون لڳيون تھ ’حر مجاھدن‘ پاڪستاني فوج سان گڏجي ھر محاذ تي مقابلو ڪيو. پير صاحب پاڻ ميدانِ جنگ ۾ حر مجاھدن جي قيادت ڪئي، نتيجي ۾ ڀارت جا ڪيترائي اھم علائقا فتح ٿيا ۽ پاڪستاني فوج کي فتح نصيب ٿي. حر مجاھدن پنھنجي روحاني پيشوا جي رھنمائيءَ ۾ قربانيون ڏئي پاڪستان جو سنڌ محـاذ سنڀاليو ۽ ڀارتي فوجن کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ نھ ڏنو. پير صاحب انگريزن جي جارحيت سبب مسمار ٿيل سموريون درگاھون ٻيـھر تعمير ڪرايون. بنگلن، ڪوٽ، جماعت خاني، روضي شريف، لائـبـرري، روڊ، رستن ۽ اسپتالن جي شاندار اڏاوت سان گڏ جامعھ راشديھ جي تعمير ۽ توسيع ڪرائي. اسلامي تعليم جو مستقل انتظام ڪيو. جتي طالب علمن جي ڪتابن، رھائش ۽ کاڌي جو مفت بندوبست ڪيو ويو. سندن تعليم لاءِ وڏا عالم مقرر ڪيا ويا، جتان ھر سال 27 رجب تي ڪيترائي عالم ۽ حافظ فـارغ التحصيـل ٿين ٿا. جامعھ راشديھ جو ملڪ جي يونيورسٽين سان الحاق آھي، جتي جامعھ جي سَنَدن کي مڃتا حاصل آھي. فارغ التحصيل عالمن ۽ حافظن کي پير صاحب پاڻ سَنَدون ۽ پوشاڪون ڏيندو رھيو. اھڙن عالمن ۽ حافظن جو تعداد ھزارن ۾ آھي، جيڪي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ديني خدمتون انجام ڏئي رھيا آھن. سڄي ملڪ ۾ جامعھ راشديھ جي شاخن طور سوين مدرسا ڪم ڪري رھيا آھن. پير صاحب پاڻ بھ وڏو عالم ھو. کيس سنڌيءَ سان گڏ عربي، فارسي، اردو، انگريزي ۽ لاطيني زبانن تي عبور حاصل ھو. پير ڳوٺ درگاھھ تي ھر سال چار وڏا اجتماع ٿين ٿا، جن ۾ لکين مُريدن سان گڏ سوين عالم به گڏ ٿين ٿا، جتي ذڪر، فڪر، وعظ ۽ نصيحت جون محفلون ٿين ٿيون. ان موقعي تي پير پاڳارو جماعت کي وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ سان گڏ زيارت ڪرائيندو آهي. ھن نياڻين جي تعليم کي زور وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي. پير صاحب جون ٻھ شاديون ٿيون، جن مان کيس نياڻين سان گڏ چار فرزند (1) سيد صبغت الله شاھھ عرف راجا سائين، (2) سيد علي گوھر شاھھ، (3) سيد صدر الدين شاھھ عرف يونس سائين ۽ (4) سيد حزب الله شاھھ ثاني آھن، جن مان پھريان ٽي فرزند حڪومت جي اھم وزارتن ۽ عھدن تي رھي چڪا آھن. پير صاحب کي شڪار سان وڏي دلچسپي ۽ موسيقيءَ سان وڏو لڳاءُ ھو. کيس مختلف پکي پالڻ ۽ گهوڙن جي ريس جو بھ شوق هو. پير صاحب گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ ۽ ملڪي سياست ۾اھم مقام رکندڙ ھو. ھو 1952ع ۾ انگلنڊ مان پاڪستان اچڻ ۽ گادي نشيني حاصل ڪرڻ کان پوءِ مسلم ليگ جماعت ۾ رھيو. 1973ع ۾ سردار شوڪت حيات جي مسلم ليگ کان ڌار ٿيڻ بعد پير صاحب مسلم ليگ جو صدر چونڊيو.1977ع جي عام چونڊن ۾ مرڪزي ڪائونسل جو ميمبر مقرر ٿيو. ڪافي عرصو سينيٽر بھ رھيو. پير صاحب ’پاڪستان قومي اتحاد‘ جو قائم مقام صدر بھ رھيو. 1978ع ۾ جڏھن مسلم ليگ ڌڙن ۾ ورھـائجـي وئـي تھ پيـر صاحـب مسلـم ليگ (پاڳارو گروپ) تشڪيل ڏئي، ان جو صدر چونڊيو، جنھن کي اڳتي ھـلـي سپـريـم ڪـورٽ ’فنڪشنل مسلم ليگ‘ قرار ڏنو، جنھن جو پير صاحب سرپرست ۽ سندس فرزند صدرالدين شاھھ صدر ٿيو. پاڪستان جي سياسي صورتحال کي آڏو رکندي پير صاحب پاڳاري مسلم ليگ جي مختلف ڌَڙن کي گڏائي، 29 آڪٽوبر 2010ع تي ’متحده مسلم ليگ‘ جو قيام عمل ۾ آندو، جنھن جو چيئرمئن پير صاحب پاڳارو پاڻ ۽ ڪنوينر الله خان'>ظفر الله خان جمالي ٿيو. پير صاحب 10 جنوري 2012ع تي لنڊن جي اسپتال ۾ وفات ڪئي. (10) سيد صبغت الله شاهه ثالث ‘راجا سائين’ (اٺون پير پاڳارو): روحاني پيشوا پير سيد صبغت الله شاهه ثالث عرف راجا سائين (اٺون پير پاڳارو) ولد سيد شاهه مردان شاهه (ستون پير پاڳارو) 14 فيبروري 1956ع تي پير جي ڳوٺ، خيرپور ميرس ۾ ڄائو. هن ڪراچي شھر مان تعليم حاصل ڪئي. سندس والد سيد شاھه مردان شاهه جي وفات کانپوءِ 11 جنوري 2012ع تي کيس حُر جماعت جي سورهن خليفن اٺون پير پاڳارو منتخب ڪيو. هن مسند نشين ٿيڻ کانپوءِ پنھنجي جماعت جي ڀلائي ۽ بھتري لاءِ قدم کنيا، پاڻ پنھنجي مريدن کي وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪرڻ، نياڻين کي پڙهائڻ، نماز جي پابندي، ڪفايت شعاري، پاڙيسرين کي ڪم اچڻ ۽ چڱا ڪم ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو رهي ٿو. هن اقليتن وارن جي حق ۾ ڪيترائي ڀيرا آواز اٿاريو. کيس حر فورس جي جنرل هجڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. پاڻ هن وقت مسلم ليگ (ف) جو سرپرست آهي. 1990ع کان 1997ع تائين ٽي ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو آهي. ڄام صادق علي جي دؤر حڪومت ۾ آبپاشيءَ جو صوبائي وزير به رهيو. ان کانسواءِ سيد غوث علي شاهه ۽ سيد مظفر علي شاهه جي دور ۾ پڻ صوبائي وزير رهيو. آبپاشيءَ جي صوبائي وزير هجڻ دوران هي سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس جرئتمنديءَ سان وڙهيو ۽ سنڌو درياءُ جي ڊائون اسٽريم ۾ سمنڊ تائين پاڻي پھچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. پاڻ ضلعي ڪائونسل خيرپورميرس جو 3 ڀيرا چيئرمئن رهيو آهي. هن شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس، جيڪا پھرين سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس هئي، ان کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. کيس سيد محمد راشد شاهه راشدي، سيد عثمان شاهه راشدي، سيد عمر مصطفيٰ شاهه راشدي ۽ سيد ابوبڪر شاهه راشدي نالي چئن پٽن جو اولاد آهي.


لفظ پير پاڳارا خاندانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو